سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر (ڪتاب): انگريز گماشتي ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر جي سنڌ ۽ بلوچستان جي سفرنامي تي ٻڌل روزنامچي جو هي سنڌي ترجمو ’بلوچستان جو سير سفر'>سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر‘، سومار علي سومري ڪيو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڀيرو 1976ع ۾ شايع ڪيو هو ۽ ان جو هي ٻيو ڇاپو 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هينري پاٽنجر، بمبئيءَ جي ديسي پيادل فوج جي انگريز ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ جي ماتحتيءَ ۾، هي سفر 1810ع جي شروعات کان بمبئي بندر کان شروع ڪيو. سفر جو مقصد انهن علائقن جي جاگرافيائي صورتحال، سماجي ۽ سياسي حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪري، انگريز سرڪار کي ان کان واقف ڪرڻ هو. هي سفر، انگريز سرڪار جي سرپرستيءَ ۽ سربراهيءَ هيٺ، وڏي رٿا ۽ رمز سان رٿيو ۽ طئي ڪيو ويو هو.
هينري پاٽنجر اول هن سفر جو خاڪو انگريزي حڪومت جي معلومات لاءِ رپورٽ يا روبڪاريءَ جي صورت ۾ تيار ڪري، هندستان جي گورنر جنرل ۽ سندس صلاحڪار جماعت کي پيش ڪيو هو. بعد ۾ انهيءَ روبڪاريءَ ۾ هن پنهنجو جاگرافيائي اڀياس، انگن اکرن ۽ واقعن جي معلومات سميت، وڌائي ۽ سڌاري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو.
ڪتاب ۾ سمنڊ، جبل، جهنگ، ٻيلا، نديون، نئيون، واهه، انهن جا وهڪرا، رستا، شهر، ڳوٺ، مفاصلا، پراڻن ۽ گم ٿي ويل شهرن ۽ ڳوٺن جي هجڻ جا هنڌ ۽ حالتون، انهن جي ٺهڻ ۽ ڦٽڻ جا اولا، ماڻهن جا ڌنڌا ۽ ڪرتوت، هنر ۽ ٻوليون، پيداواري وسيلا، واپار، افرادي قوت، گهرن جي اڏاوت ۽ سجاوٽ، آبادين جا انگ اکر، پوکون، ميوا، جانور، پکي، معدني ذخيرا، آبهوا ۽ ان جا اثر، سردارن ۽ حاڪمن جي حيثيت ۽ مزاج، عام ماڻهن جي حالت، ڏوهه ۽ سزائون- مطلب ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تڏهوڪي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي جوڙجڪ ۽ جاگرافيائي صورتحال جي تفصيل سان گڏ، هينري پاٽنجر جي هن سفرنامي ۾ خود انگريزن جي تڏهوڪي حڪمت عملي، نيتون ۽ ارادا به درج ٿيل آهن.
502 ڊيمي سائيز جي صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي.


لفظ سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو